پارپتي ماڙيچاڻي

پارپتي ماڙيچاڻي: پني عاقل شهر ۾ جنم وٺندڙ مائي پارپتي سماجي خدمتن سبب علائقن ۾ گهڻي مشهور هئي. ذات جي ماڙيچاڻي هئي. ڪٿي ڪو لاوارث لاش هٿ ايندو هو ته هيءَ سندس ڪفن دفن جو بندوبست ڪندي هئي. ڪاروبار لاءِ اٺ گاڏا هوندا هئس. تَر جي وڏيرن ۽ سياسي ماڻهن جي مالي مدد به ڪندي هئي. هن ايوب خان جي دؤر ۾ بي. ڊي اليڪشن ۾ به حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿي. هوءَ ضلعي امن ڪميٽيءَ جي ميمبر پڻ رهندي هئي. پارپتي غريبن جي مدد ۾ اڳڀري رهي. سندس ذات سان تعلق رکندڙ لڌارام سندس مدِ مقابل هوندو هو. مائي پارپتي 1967ع تائين پني عاقل ۾ رهي، مهاراج سيتل داس (ڏسو: سيتل داس، سامي) جيان کيس سماجي ڪمن ۾ سڪون ملندو هو. پر چيو وڃي ٿو ته ڪنهن ظالم زميندار پاران کيس ڏاڍائيءَ جو شڪار بڻايو ويو، جنهن بعد هوءَ هندستان جي مارواڙ علائقي ۾ وڃي رهائش پذير ٿي ۽ اتي ئي لاڏاڻو ٿيس. اڄ به تَر ۾ سماجي خدمتن سبب سندس ذڪر ڪيو وڃي ٿو


لفظ پارپتي ماڙيچاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو